پرين جي پچار

پرين جي پچار

پرين جي پچار

پرين جي پچار (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف محمد موسيٰ ڀٽو آهي، هي ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، ڪتاب ۾ شامل مواد سنڌي مسلمانن جي بنيادي ماخذ روزاني ’الوحيد‘، ’مسلمان، ’الامين‘ ۽ ٻين رسالن مان ورتل آهي، ٻين ذريعن مان پڻ واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪري شخصيت جي حوالي سان ماضي قريب جي تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪتاب جي پهرين حصي ۾ سنڌ جي چئن شخصيتن کي سهيڙيو ويو آهي، جن ۾ حسن علي آفندي، مولانا تاج محمود امروٽي، جان محمد جوڻيجو،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي شامل آهن. هن ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، نور محمد وڪيل، مير غلام محمد ٽالپر، مولانا شفيع محمد نظاماڻي، مير نور حسين ٽالپر، مولانا خير محمد نظاماڻي، مولانا جان محمد ڀٽو شامل آهن. پهريون حصو 183 صفحن تي مشتمل آهي، ، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو